لوقا 4:13-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. پوءِ جڏھن شيطان عيسيٰ کي ھر طرح سان آزمائي چڪو تہ ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس ھليو ويو.

14. پوءِ عيسيٰ جنھن سان پاڪ روح جي طاقت گڏ ھئي، سو گليل علائقي ڏانھن موٽيو. سندس ھاڪ سڄي علائقي ۾ ھُلي ويئي.

15. ھن عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراھہ ڪئي.

16. پوءِ ھو ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي ھئي. سبت جي ڏينھن تي دستور موجب ھو عبادت⁠خاني ۾ ويو ۽ تلاوت ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو.

لوقا 4