1. عيسيٰ اردن مان پاڪ روح سان ڀرجي موٽيو ۽ پاڪ روح جي ھدايت سان چاليھہ ڏينھن بيابان ۾ گھميو پئي،
2. جتي شيطان ھن کي آزمايو. انھن ڏينھن ۾ ھن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏھن اھي ڏينھن گذري ويا تہ پوءِ ھن کي بک لڳي.
3. تنھن تي شيطان چيس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھن پھڻ کي حڪم ڪر تہ ماني ٿي پوي.“
4. عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي.‘“
5. پوءِ شيطان کيس ھڪ مٿاھينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ ھڪ پل ۾ دنيا جون مڙيئي بادشاھتون ڏيکاريائينس.