10. تنھن تي ماڻھن کانئس پڇيو تہ ”پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
11. ھن ورندي ڏنن تہ ”جنھن وٽ ٻہ پھراڻ ھجن تہ اھو ھڪ انھيءَ کي ڏئي جنھن کي ھڪ بہ ڪونھي ۽ جنھن وٽ کاڌو آھي، سو بہ اھو ورھائي.“
12. محصول اڳاڙيندڙ پڻ بپتسما وٺڻ آيا ۽ انھن پڇيس تہ ”اي استاد! اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
13. تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”مقرر اگھہ کان وڌيڪ نہ اڳاڙيو.“
14. سپاھين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنھن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پيسا نہ وٺو، پر پنھنجي پگھار مان پورت ڪريو.“
15. ماڻھو انھيءَ ويچار ۾ ھئا تہ ”ڇا ھي مسيح تہ نہ آھي!“
16. تنھن تي يحيٰ انھن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اھو اچڻ وارو آھي جيڪو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آھيان. اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو.
17. ھن کي پنھنجو ڇڄ ھٿ ۾ آھي تہ جيئن پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪري ۽ ڪڻڪ کي ميڙي پنھنجي ڀانڊي ۾ رکي. پر بُھہ کي اھڙيءَ باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جا وسامڻ جي نہ آھي.“
18. يحيٰ ماڻھن کي ٻيون بہ ڪيتريون ئي ھدايتون ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندو رھيو.
19. پر ھيروديس کي جھڻڪيائين، ڇالاءِجو ھو پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس سان پرڻيو ھو ۽ ٻيا بہ برا ڪم ڪيا ھئائين.
20. پوءِ ھيروديس ھڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يحيٰ کي کڻي جيل ۾ وڌائين.
21. جڏھن سڀ ماڻھو بپتسما وٺي چڪا تہ عيسيٰ بہ بپتسما ورتي. انھيءَ مھل ھن جي دعا گھرندي آسمان کلي پيو،
22. ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آھيان.“
23. جڏھن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏھن سندس عمر اٽڪل ٽيھہ ورھيہ ھئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو ھو، يوسف پٽ عيليءَ جو ھو،
24. ۽ عيلي پٽ متات جو، متات پٽ لاويءَ جو، لاوي پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ ينا جو ۽ ينا پٽ يوسف جو،
25. يوسف پٽ متٿياہ جو، متٿياہ پٽ عاموس جو، عاموس پٽ ناحوم جو، ناحوم پٽ اِسليءَ جو ۽ اِسلي پٽ نوگيءَ جو،