1. تبريس قيصر جي حڪومت جو پندرھون سال ھو. انھن ڏينھن ۾ يھوديہ جو گورنر پنطيس پلاطس ھو ۽ گليل جو حاڪم ھيروديس ھو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جو حاڪم ھيروديس جو ڀاءُ فلپس ھو. ابلينيءَ جو حاڪم لسانياس ھو،
2. ۽ حنا ۽ قائفا سردار ڪاھن ھئا. انھن ڏينھن ۾ خدا جو ڪلام ذڪريا جي پٽ يحيٰ تي رڻپٽ ۾ نازل ٿيو.
3. ھو اردن درياءَ جي چوطرف ساري علائقي ۾ ويو ۽ ماڻھن ۾ تبليغ ڪيائين تہ ”توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوھان کي پنھنجن گناھن جي معافي ملي.“
4. جيئن يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو.ھن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.
5. سڀڪا ماٿري ڀرجي پوندي،۽ ھر ڪو جبل ۽ ٽڪري سنئين ڪئي ويندي.ڏنگا رستا سڌا ٿيندا۽ کڏن کوٻن واريون واٽون سنيون ٿينديون.
6. ساري انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“
7. تڏھن ماڻھن جا جيڪي ميڙ کانئس بپتسما وٺڻ آيا پئي، تن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟
8. اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچپچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي. پاڻ ۾ ائين نہ چئو تہ ’اسين ابراھيم جو اولاد آھيون.‘ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھنن پٿرن مان بہ خدا ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.
9. بلڪ ھاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪھاڙو تيار رکيو ويو آھي ۽ جيڪڏھن ڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي تہ کيس وڍي باھہ ۾ اڇلائبو.“
10. تنھن تي ماڻھن کانئس پڇيو تہ ”پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
11. ھن ورندي ڏنن تہ ”جنھن وٽ ٻہ پھراڻ ھجن تہ اھو ھڪ انھيءَ کي ڏئي جنھن کي ھڪ بہ ڪونھي ۽ جنھن وٽ کاڌو آھي، سو بہ اھو ورھائي.“