5. تنھن تي ھو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ جھٽ کڻي مٿا زمين تي ٽيڪيائون. تڏھن انھن ماڻھن چين تہ ”جيڪو جيئرو آھي، تنھن کي مئلن ۾ اوھين ڇو ٿيون ڳوليو؟
6. ھو ھتي ڪونھي پر جيئرو ٿي اٿيو آھي. ياد اٿوَ تہ جڏھن ھو گليل ۾ ھو تڏھن اوھان کي ڇا چيو ھئائين تہ
7. ’اھو ضروري آھي تہ ابنآدم کي گنھگارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صليب تي چاڙھيو وڃي ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿي.‘“
8. تڏھن عورتن کي ھن جا لفظ ياد آيا.
9. پوءِ ھنن قبر کان موٽي اچي يارھن شاگردن ۽ ٻين سڀني ماڻھن کي اھي ڳالھيون ٻڌايائون.
10. اھي عورتون مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ ھيون، تن اچي رسولن سان اھي ڳالھيون ڪيون.
11. پر رسولن انھيءَ ڳالھہ کي اڻٿيڻي سمجھي انھن عورتن جي ڳالھين تي يقين نہ ڪيو.
12. تنھن ھوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانھن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آھي. تڏھن جيڪو وھيو واپريو ھو تنھن تي عجب کائيندي گھر موٽيو.
13. انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي شاگردن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانھن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارھن ڪلوميٽر کن پري ھو.
14. اھي ٿيل واقعن بابت پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا پئي ويا.
15. جيئن پاڻ ۾ ڳالھيون ٻولھيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيائون تہ عيسيٰ پاڻ اچي ساڻن گڏ پنڌ ھلڻ لڳو.
16. پر انھن جو اکيون ھن کي سڃاڻڻ لاءِ مُنڊيل ھيون.
17. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ ۾ ڪھڙين ڳالھين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنھن تي ھو غمگين ٿي بيھي رھيا.
18. انھن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اھڙو ماڻھو نہ آھين جنھن کي خبر ئي نہ آھي تہ اڄڪلھہ ھت يروشلم ۾ ڇا وھيو واپريو آھي؟“
19. تنھن تي ھن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اھي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالھيون، جيڪو خدا توڙي ساري خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي ھو.
20. اسان جي سردار ڪاھنن ۽ حاڪمن پڪڙايس تہ کيس موت جي سزا ملي ۽ کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻايائون.