لوقا 24:43-53 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

43. جيڪو ھن انھن جي سامھون ويھي کاڌو.

44. پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“

45. پوءِ پاڪ لکتن کي سمجھڻ لاءِ سندن ذھن اجاگر ڪيائين

46. ۽ کين چيائين تہ ”ھيئن لکيل آھي تہ مسيح ڏک سھي ۽ ٽئين ڏينھن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿي،

47. ۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي.

48. اوھين انھن ڳالھين جا شاھد آھيو.

49. ڏسو، آءٌ اوھان تي اھو موڪلڻ وارو آھيان، جنھن جو منھنجي پيءُ واعدو ڪيو آھي. پر جيستائين اوھان کي مٿان طاقت نہ عطا ٿئي تيستائين شھر ۾ رھجو.“

50. پوءِ عيسيٰ انھن کي ٻاھر ڪڍي بيت⁠عنياہ جي ويجھو وٺي آيو ۽ پنھنجا ھٿ کڻي انھن لاءِ رحمت گھريائين.

51. جيئن ئي انھن لاءِ رحمت گھري رھيو ھو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانھن کڄي ويو.

52. انھن ھن جي عبادت ڪئي ۽ خوشيءَ سان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانھن موٽي ويا

53. ۽ سڄو وقت ھيڪل ۾ خدا جا شڪرانا ڪندي گذاريائون.

لوقا 24