23. پر قبر ۾ ميت نہ ڏٺائون. اھي موٽي آيون ۽ ٻڌايائون تہ انھن رويا ۾ ملائڪن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ ھو جيئرو آھي.
24. اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن عورتن چيو ھو، پر عيسيٰ کي ڪين ڏٺائون.“
25. تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي نادانو! اوھين نبين جي سڀني ڳالھين کي مڃڻ ۾ ڪيترا نہ بيپرواھہ آھيو.
26. ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“
27. پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.
28. جنھن ڳوٺ ڏانھن ھو ويا پئي، تنھن کي جڏھن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين ھليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آھي.
29. پر انھن کيس پوئتي ڇڪي جھليو تہ ”اسان سان ٽڪي پئو، ڇوتہ سانجھي ٿيڻ واري آھي ۽ ڏينھن لڙي ويو آھي.“ تڏھن ھو انھن سان ٽڪڻ لاءِ گھر اندر ويو.
30. ھو انھن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ۽ ماني کڻي رب جو شڪر ڪيائين. پوءِ ماني ڀڃي کين ڏنائين.
31. ھاڻي انھن جون اکيون کليون ۽ عيسيٰ کي سڃاتائون، پر ھو انھن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو.
32. اھي ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ ھو تہ جنھن مھل رستي تي ھو اسان سان ڳالھائي پيو ۽ پاڪ لکتون سمجھائي پيو، تڏھن ڄڻ تہ اسان جي اندر ۾ نور پيو ٻري؟“
33. انھيءَ ئي وقت ھو اٿي کڙا ٿيا ۽ يروشلم ڏانھن موٽي آيا، تہ اتي يارھن شاگردن کي ٻين سان گڏ ڏٺائون،
34. جيڪي چون پيا تہ ”خداوند سچپچ جيئرو ٿيو آھي ۽ ھن شمعون کي ڏيکاري ڏني آھي.“
35. تنھن تي ھنن ٻنھي انھن کي اھو سربستو احوال ٻڌايو جيڪو رستي تي ٿي گذريو ھو ۽ اھو بہ تہ ڪيئن ھنن خداوند کي ماني ڀڃڻ مھل سڃاتو ھو.
36. ھنن اڃا اھي ڳالھيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”سلام.“
37. ھو خوف ۽ ھراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون.
38. پر ھن چين تہ ”ڇو منجھي پيا آھيو ۽ اوھان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟
39. منھنجي ھٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اھو ساڳيو ئي آھيان. مون کي ھٿ لائي جاچيو، ڇالاءِجو جھڙا ھڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تھڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آھن.“
40. ائين چئي ھن کين پنھنجا ھٿ ۽ پير ڏيکاريا.
41. انھن کي اڃا تائين اعتبار ئي نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻتہ ھو خوشي ۽ تعجب ۾ ڀريل ھئا. تنھن جي ڪري ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آھي؟“
42. تنھن تي ھنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس،