20. اسان جي سردار ڪاھنن ۽ حاڪمن پڪڙايس تہ کيس موت جي سزا ملي ۽ کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻايائون.
21. اسان کي اميد ھئي تہ ھن جي ئي ھٿان بني اسرائيل جو ڇوٽڪارو ٿيندو ۽ ھاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينھن ٿيو آھي.
22. اسان جي ڪن عورتن تہ ان وقت اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، جڏھن اھي صبح جو سوير قبر تي ويون،
23. پر قبر ۾ ميت نہ ڏٺائون. اھي موٽي آيون ۽ ٻڌايائون تہ انھن رويا ۾ ملائڪن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ ھو جيئرو آھي.
24. اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن عورتن چيو ھو، پر عيسيٰ کي ڪين ڏٺائون.“
25. تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي نادانو! اوھين نبين جي سڀني ڳالھين کي مڃڻ ۾ ڪيترا نہ بيپرواھہ آھيو.
26. ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“
27. پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.
28. جنھن ڳوٺ ڏانھن ھو ويا پئي، تنھن کي جڏھن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين ھليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آھي.
29. پر انھن کيس پوئتي ڇڪي جھليو تہ ”اسان سان ٽڪي پئو، ڇوتہ سانجھي ٿيڻ واري آھي ۽ ڏينھن لڙي ويو آھي.“ تڏھن ھو انھن سان ٽڪڻ لاءِ گھر اندر ويو.
30. ھو انھن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ۽ ماني کڻي رب جو شڪر ڪيائين. پوءِ ماني ڀڃي کين ڏنائين.
31. ھاڻي انھن جون اکيون کليون ۽ عيسيٰ کي سڃاتائون، پر ھو انھن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو.