لوقا 24:18-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. انھن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اھڙو ماڻھو نہ آھين جنھن کي خبر ئي نہ آھي تہ اڄڪلھہ ھت يروشلم ۾ ڇا وھيو واپريو آھي؟“

19. تنھن تي ھن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اھي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالھيون، جيڪو خدا توڙي ساري خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي ھو.

20. اسان جي سردار ڪاھنن ۽ حاڪمن پڪڙايس تہ کيس موت جي سزا ملي ۽ کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻايائون.

21. اسان کي اميد ھئي تہ ھن جي ئي ھٿان بني اسرائيل جو ڇوٽڪارو ٿيندو ۽ ھاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينھن ٿيو آھي.

22. اسان جي ڪن عورتن تہ ان وقت اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، جڏھن اھي صبح جو سوير قبر تي ويون،

23. پر قبر ۾ ميت نہ ڏٺائون. اھي موٽي آيون ۽ ٻڌايائون تہ انھن رويا ۾ ملائڪن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ ھو جيئرو آھي.

24. اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن عورتن چيو ھو، پر عيسيٰ کي ڪين ڏٺائون.“

25. تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي نادانو! اوھين نبين جي سڀني ڳالھين کي مڃڻ ۾ ڪيترا نہ بي⁠پرواھہ آھيو.

26. ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“

27. پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.

28. جنھن ڳوٺ ڏانھن ھو ويا پئي، تنھن کي جڏھن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين ھليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آھي.

لوقا 24