لوقا 24:13-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي شاگردن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانھن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارھن ڪلوميٽر کن پري ھو.

14. اھي ٿيل واقعن بابت پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا پئي ويا.

15. جيئن پاڻ ۾ ڳالھيون ٻولھيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيائون تہ عيسيٰ پاڻ اچي ساڻن گڏ پنڌ ھلڻ لڳو.

16. پر انھن جو اکيون ھن کي سڃاڻڻ لاءِ مُنڊيل ھيون.

لوقا 24