لوقا 24:1-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. آچر جي ڏينھن پرھہ ڦٽيءَ جو سوير اھي عورتون قبر تي آيون ۽ سرھاڻيون بہ پاڻ سان کڻي آيون، جيڪي انھن تيار ڪيون ھيون.

2. اچي ڏسن تہ مار! پٿر جيڪو قبر جي منھن تي ڏنل ھو، سو پاسي تي رڙھيو پيو آھي.

3. جڏھن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ خداوند عيسيٰ جو ميت تہ آھي ئي ڪونہ.

4. اڃا انھيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون ھيون تہ ڏسن تہ ٻہ ماڻھو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا.

5. تنھن تي ھو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ جھٽ کڻي مٿا زمين تي ٽيڪيائون. تڏھن انھن ماڻھن چين تہ ”جيڪو جيئرو آھي، تنھن کي مئلن ۾ اوھين ڇو ٿيون ڳوليو؟

6. ھو ھتي ڪونھي پر جيئرو ٿي اٿيو آھي. ياد اٿوَ تہ جڏھن ھو گليل ۾ ھو تڏھن اوھان کي ڇا چيو ھئائين تہ

7. ’اھو ضروري آھي تہ ابن⁠آدم کي گنھگارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صليب تي چاڙھيو وڃي ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿي.‘“

8. تڏھن عورتن کي ھن جا لفظ ياد آيا.

9. پوءِ ھنن قبر کان موٽي اچي يارھن شاگردن ۽ ٻين سڀني ماڻھن کي اھي ڳالھيون ٻڌايائون.

10. اھي عورتون مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ ھيون، تن اچي رسولن سان اھي ڳالھيون ڪيون.

11. پر رسولن انھيءَ ڳالھہ کي اڻ⁠ٿيڻي سمجھي انھن عورتن جي ڳالھين تي يقين نہ ڪيو.

12. تنھن ھوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانھن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آھي. تڏھن جيڪو وھيو واپريو ھو تنھن تي عجب کائيندي گھر موٽيو.

13. انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي شاگردن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانھن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارھن ڪلوميٽر کن پري ھو.

14. اھي ٿيل واقعن بابت پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا پئي ويا.

15. جيئن پاڻ ۾ ڳالھيون ٻولھيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيائون تہ عيسيٰ پاڻ اچي ساڻن گڏ پنڌ ھلڻ لڳو.

16. پر انھن جو اکيون ھن کي سڃاڻڻ لاءِ مُنڊيل ھيون.

17. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ ۾ ڪھڙين ڳالھين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنھن تي ھو غمگين ٿي بيھي رھيا.

18. انھن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اھڙو ماڻھو نہ آھين جنھن کي خبر ئي نہ آھي تہ اڄڪلھہ ھت يروشلم ۾ ڇا وھيو واپريو آھي؟“

لوقا 24