40. پر ٻئي انھيءَ کي ڇينڀي چيو تہ ”ڇا تو کي خدا جو بہ خوف نہ آھي؟ جيتوڻيڪ تون بہ تہ ساڳيءَ سزا ۾ آھين.
41. اسان کي جيڪا سزا ملي آھي سا حقي واجبي آھي، ڇوتہ اسان ائين ئي ڪيو ھو، پر ھن تہ ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي.“
42. پوءِ ھن عيسيٰ کي چيو تہ ”اي عيسيٰ! جڏھن اوھين بادشاھہ ٿي اچو، تڏھن مون کي ياد ڪجو.“
43. عيسيٰ ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ بھشت ۾ ھوندين.“
44. تڏھن منجھند جي مھل کان وٺي ٽپھريءَ تائين سڄي ملڪ تي اوندھہ ڇانيل رھي.
45. سج ڪاراٽجي ويو ۽ ھيڪل جو پردو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو.
46. عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنھنجو روح تنھنجي ھٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس ايترو چئي دم ڏنائين.
47. ھي سڀ ڏسي فوجي صوبيدار خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ۽ چيائين تہ ”بيشڪ ھي ھڪ نيڪ ماڻھو ھو.“
48. جيڪي ماڻھو ھن واقعي کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا ھئا، سي پنھنجا سينا پٽيندا گھرن ڏانھن موٽيا.
49. پر اھي جيڪي عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا ۽ عورتون جيڪي گليل کان ساڻس گڏجي آيون ھيون، تن پري کان بيٺي اھي ڳالھيون ٿيندي پئي ڏٺيون.
50. يوسف نالي ھڪڙو ڪائونسل جو ميمبر ھو، جو نيڪ ۽ عزت وارو ماڻھو ھو.
51. ڪائونسل جي ميمبر ھوندي بہ ھن انھن جي راءِ ۽ فيصلي کي قبول نہ ڪيو. ھو يھودين جي شھر ارمٿيا جو رھاڪو ھو ۽ خدا جي بادشاھت جي انتظار ۾ ھو.
52. ھو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش جي گھُر ڪيائين.
53. پوءِ ھن لاش ھيٺ لھرايو ۽ اُچي ڪفن ۾ ويڙھي قبر ۾ رکيائين، جيڪا ھڪ ٽڪر تي کوٽيل ھئي ۽ اڳ استعمال نہ ٿيل ھئي.
54. اھو جمعي جو ڏينھن، يعني يھودين جي تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ سبت شروع ٿيڻ وارو ھو.
55. عورتون جيڪي گليل کان عيسيٰ سان گڏجي آيون ھيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اھا قبر ڏٺي ۽ اھو بہ تہ عيسيٰ جو ميت ڪيئن ان ۾ رکيو ويو.
56. پوءِ ھو گھر واپس ويون ۽ ميت لاءِ سرھاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون.سبت جي ڏينھن خدائي حڪم موجب انھن آرام ڪيو.