لوقا 23:18-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. تنھن تي سڀني وٺي رڙيون ڪيون تہ ”انھيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏيو.“

19. برابا کي شھر ۾ ڪنھن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو ھئائون.

20. پلاطس جي مرضي ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏجي. سو ھن وري بہ ھڪ دفعو ميڙ کي چيو.

21. پر ھنن گوڙ ۽ رڙين سان جواب ڏنو تہ ”صليب تي چاڙھيوس، صليب تي.“

لوقا 23