32. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي.
33. زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“
34. ”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابنآدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي.
35. ڇالاءِجو اھو ڄار وانگر سڄي دنيا جي رھاڪن تي اچي ڪڙڪندو.