17. منھنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.
18. پر اوھان جو ڪو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.
19. پنھنجي صبر سان ئي اوھين پنھنجي جان بچائيندا.“
20. ”جڏھن اوھين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آھي، تڏھن ڄاڻجو تہ سندس تباھيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آھي.
21. پوءِ جيڪي يھوديہ ۾ ھجن، سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن. جيڪي شھرن جي وچ ۾ ھجن سي ٻاھر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻھراڙيءَ ۾ ھجن سي اندر شھر ۾ نہ گھڙن.
22. ڇالاءِجو اھي وير وٺڻ جا ڏينھن ٿيندا، تہ جيئن جيڪي ڳالھيون لکيل آھن سي سڀيئي پوريون ٿين.
23. افسوس آھي انھن عورتن تي جيڪي انھن ڏينھن ۾ پيٽ سان ھونديون يا ٻار ٿڻن تي ھوندن، ڇالاءِجو ھن ملڪ تي وڏي آفت ايندي ۽ ھن قوم تي غضب نازل ٿيندو.
24. انھن مان ڪي تلوار سان قتل ٿيندا ۽ ڪي ٻين ملڪن ۾ قيدي ٿي ويندا. يروشلم کي غير قومون لتاڙينديون، جيستائين انھن جو مدو پورو نہ ٿئي.“
25. ”سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاھر ٿيندا ۽ زمين تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي گوڙ ڪري خوف ۽ ھراس ڇانئجي ويندو.
26. جيڪي آفتون زمين تي نازل ٿيڻيون آھن، انھن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻھن جون دليون دھلجي وينديون، ڇالاءِجو آسماني گرھہ ۽ سيارہ ڏڪي ويندا.
27. پوءِ ھو ابنآدم کي وڏي قوت ۽ جلوي سان ھڪڙي ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.
28. جڏھن اھي ڳالھيون ٿيڻ لڳن تہ اٿجو ۽ ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ڇوٽڪارو اوھان جي ويجھو ھوندو.“
29. عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ ”انجير جي وڻ ۽ ٻين وڻن کي ڏسو.