لوقا 21:10-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙھندي. بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي.

11. وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي ھنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. آسمان مان ھيبتناڪ حادثا ۽ ڳرا نشان ظاھر ٿيندا.

12. پر ھنن ڳالھين ٿيڻ کان اڳي ئي اوھين سوگھا ڪيا ويندا. اوھان کي ستايو ويندو، عبادت⁠خانن وارن رھبرن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيلن ۾ وڌو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري اوھان کي بادشاھن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.

13. ان جو نتيجو اھو نڪرندو جو اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ھڪ موقعو ملي ويندو.

14. تنھنڪري پنھنجن دلين ۾ پڪو پھہ ڪريو تہ اوھين جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا.

15. ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اوھان کي اھڙي زبان ۽ اھڙو عقل ڏيندس جو اوھان جا ڪي⁠بہ دشمن اوھان سان مقابلو يا انڪار ڪري نہ سگھندا.

16. اوھان جا ماءُ⁠پيءُ، ڀائر، مٽ مائٽ ۽ اوھان جا سڄڻ بہ اوھان کي پڪڙائيندا، بلڪ اوھان مان ڪن کي تہ مارائي بہ ڇڏيندا.

17. منھنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.

لوقا 21