لوقا 21:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ جڏھن نھاريو، تڏھن ڏٺائين تہ شاھوڪار ماڻھو ھيڪل جي چندي جي پيتيءَ ۾ پنھنجا پنھنجا چندا وجھي رھيا آھن.

2. ھن ھڪ غريب رن⁠زال کي ٻہ ننڍڙا سڪا ان پيتيءَ ۾ وجھندي ڏٺا.

3. تنھن تي ھن چيو تہ ”آءٌ توھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھن غريب رن⁠زال سڀني کان وڌيڪ چندو ڏنو.

4. ڇاڪاڻ⁠تہ اھي سڀيئي پنھنجي گھڻائيءَ مان چندو ڏئي رھيا ھئا، پر ھيءَ رن⁠زال اڻ⁠ھوند مان بہ پنھنجي سڀ ڪمائي وجھي رھي ھئي.“

5. ڪي ماڻھو ھيڪل بابت چوڻ لڳا تہ ”ڪھڙن نہ سھڻن پٿرن ۽ نذرانن جي سوکڙين سان سينگاريل آھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيو تہ

لوقا 21