لوقا 20:25-40 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

25. ھنن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“

26. ھو ماڻھن جي اڳيان کيس لفظن ۾ ڦاسائي نہ سگھيا. سندس انھيءَ جواب تي ھو حيران ٿي ويا ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.

27. پوءِ ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ قيامت آھي ئي ڪانہ، سي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون

28. تہ ”اي استاد! موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آھي تہ ’جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ ري⁠اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ ھن جي زال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.‘

29. ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين شادي ڪئي ۽ ري⁠اولاد مري ويو

30. تہ ٻئي سندس زال سان شادي ڪئي، اھو بہ مري ويو.

31. ٽئين بہ انھيءَ عورت سان شادي ڪئي ۽ اھڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ان سان شادي ڪئي ۽ ست ئي ري⁠اولاد مري ويا.

32. سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اھا عورت بہ مري ويئي.

33. ھاڻي قيامت جي ڏينھن انھن مان اھا عورت ڪنھن جي زال ٿيندي؟ ڇالاءِ⁠جو ست ئي ھن سان پرڻيا ھئا.“

34. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو پرڻبا ۽ پرڻائبا آھن،

35. پر جيڪي انھيءَ لائق آھن تہ آخرت ۾ جيئرا ٿي اٿن ۽ انھيءَ زماني ۾ رھن، سي نہ پرڻبا ۽ نڪي پرڻايا ويندا.

36. ڇالاءِ⁠جو اھي وري ڪڏھن مرڻ جا نہ آھن، بلڪ اھي ملائڪن جھڙا ٿيندا. اھي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي مئلن مان جيئرا ٿيا آھن.

37. مُڙدن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اھڙو اشارو ڏنو آھي. تنھنڪري ئي ھو خداوند کي ’ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا‘ ڪري سڏي ٿو.

38. سو ھاڻي ھو مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آھي، ڇالاءِ⁠جو سڀيئي ھن جي اڳيان جيئرا آھن.“

39. تڏھن ڪن شريعت جي عالمن کيس چيو تہ ”اي استاد! توھان صحيح ڳالھہ ڪئي آھي.“

40. ڇالاءِ⁠جو ھنن ۾ ھمت ئي ڪانہ رھي ھئي جو کانئس وڌيڪ سوال پڇن.

لوقا 20