لوقا 20:14-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. پر جڏھن باغائين انھيءَ کي ڏٺو، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، ڇو نہ ھن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘

15. پوءِ ھن کي باغ مان ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيائونس. ھاڻي باغ جو مالڪ انھن کي ڇا ڪندو؟

16. ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“

17. عيسيٰ انھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”ھي جيڪي لکيل آھي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي؟’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.‘

18. جيڪوبہ ان پٿر تي ڪرندو سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنھن تي اھو ڪرندو، تنھن کي ھو چور چور ڪري ڇڏيندو.“

19. شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاھنن انھيءَ وقت ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ڄاتو پئي تہ ”ھن اھو مثال اسان تي آندو آھي.“ پر ھو ماڻھن کان ڊنا ٿي.

20. پوءِ ھو عيسيٰ کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اھي سچار بڻجي عيسيٰ کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين.

21. انھن ڇاڙتن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي استاد! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي توھين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آھي ۽ توھين ڪنھن جي بہ پاسخاطري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوھين تہ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو.

22. ھاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“

23. عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ

24. ”مون کي چانديءَ جو سڪو ڏيکاريو تہ انھيءَ تي ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“

25. ھنن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“

26. ھو ماڻھن جي اڳيان کيس لفظن ۾ ڦاسائي نہ سگھيا. سندس انھيءَ جواب تي ھو حيران ٿي ويا ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.

27. پوءِ ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ قيامت آھي ئي ڪانہ، سي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون

28. تہ ”اي استاد! موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آھي تہ ’جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ ري⁠اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ ھن جي زال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.‘

29. ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين شادي ڪئي ۽ ري⁠اولاد مري ويو

30. تہ ٻئي سندس زال سان شادي ڪئي، اھو بہ مري ويو.

31. ٽئين بہ انھيءَ عورت سان شادي ڪئي ۽ اھڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ان سان شادي ڪئي ۽ ست ئي ري⁠اولاد مري ويا.

32. سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اھا عورت بہ مري ويئي.

لوقا 20