9. تہ انھن وٽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو انھن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنھن ڪري ھو ڏاڍا ڊڄي ويا.
10. تنھن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇالاءِجو مون اوھان لاءِ ھڪ وڏي خوشخبري آندي آھي، جيڪا سڄي قوم لاءِ ھوندي.
11. ڇوتہ اڄ دائود جي شھر ۾ اوھان لاءِ ھڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آھي، جو مسيح خداوند آھي.
12. انھيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ھڪ نشاني اٿوَ تہ اوھين ھڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھيل آھر ۾ پيل ڏسندا.“
13. اوچتو انھن کي انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھڪڙو وڏو آسماني لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندو ھيئن چوندو پئي آيو تہ
14. ”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“
15. جڏھن ملائڪ انھن وٽان موٽي آسمان ڏانھن ويا تڏھن ريڍار ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھلو تہ بيتلحم ھلون. ھيءَ ڳالھہ جا ٿي آھي ۽ جنھن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آھي سا ھلي ڏسون.“
16. تنھنڪري ھو تڪڙا تڪڙا ويا تہ مريم ۽ يوسف ملين ۽ ٻارڙو آھر ۾ پيل ڏٺائون.
17. ھي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اھو ٻڌائڻ لڳا جيڪو ملائڪ کان ٻڌو ھئائون.
18. جيڪي ڳالھيون ريڍارن ڪيون سي جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا.
19. مريم ھي سڀ ڳالھيون ياد ڪيون ۽ دل ۾ سانڍي انھن تي ويچار ڪرڻ لڳي.