لوقا 2:4-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. يوسف دائود جي گھراڻي ۽ نسل مان ھو. تنھنڪري ھو بہ گليل جي شھر ناصرت مان يھوديہ ڏانھن دائود جي شھر ۾ ويو، جنھن کي بيت⁠لحم چون ٿا.

5. ھو انھيءَ لاءِ ويو تہ پنھنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي جا پيٽ سان ھئي.

6. جڏھن ھو بيت⁠لحم ۾ ھئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو.

7. ھن پنھنجو پھريتو پٽ ڄڻيو ۽ انھيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھي آھر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ⁠تہ مسافرخاني ۾ ھنن کي جاءِ ڪانہ ملي.

8. انھيءَ علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ پنھنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي،

9. تہ انھن وٽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو انھن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنھن ڪري ھو ڏاڍا ڊڄي ويا.

10. تنھن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇالاءِ⁠جو مون اوھان لاءِ ھڪ وڏي خوشخبري آندي آھي، جيڪا سڄي قوم لاءِ ھوندي.

11. ڇوتہ اڄ دائود جي شھر ۾ اوھان لاءِ ھڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آھي، جو مسيح خداوند آھي.

12. انھيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ھڪ نشاني اٿوَ تہ اوھين ھڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھيل آھر ۾ پيل ڏسندا.“

لوقا 2