لوقا 2:27-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

27. پاڪ روح جي ھدايت تي شمعون ھيڪل ۾ آيو. جڏھن ماءُ⁠پيءُ ٻارڙي عيسيٰ کي شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ ھيڪل ۾ کڻي آيا

28. تڏھن شمعون ٻارڙي کي پنھنجن ھٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ

29. ”اي مالڪ! ھاڻي تون پنھنجي ٻانھي کيپنھنجي واعدي موجب سلامتيءَ سان موڪل.

30. ڇالاءِ⁠جو منھنجين اکينتنھنجو ڇوٽڪارو ڏٺو آھي،

31. جيڪو تو سڀني قومن اڳيان تيار ڪيو آھي،

32. يعني غير قومن لاءِتنھنجي رستي تي ھلڻ ڪاڻ روشنائي۽ تنھنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“

لوقا 2