21. اٺن ڏينھن کان پوءِ جڏھن ھن جي سنت ڪرڻ جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو ھن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو ھو.
22. جڏھن موسيٰ جي شريعت موجب پاڪ ٿيڻ جا مقرر ڏينھن پورا ٿيا تڏھن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي خداوند جي آڏو حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ کڻي آيا.
23. خداوند جي شريعت ۾ لکيل آھي تہ ”ھر ڪو پھريتو پٽ خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“
24. سو اھي خداوند جي شريعت جي فرضن موجب قرباني پيش ڪرڻ آيا، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر ھجن.“
25. تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو،
26. جنھن کيس ٻڌايو ھو تہ ”جيستائين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيستائين ڪين مرندين.“
27. پاڪ روح جي ھدايت تي شمعون ھيڪل ۾ آيو. جڏھن ماءُپيءُ ٻارڙي عيسيٰ کي شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ ھيڪل ۾ کڻي آيا
28. تڏھن شمعون ٻارڙي کي پنھنجن ھٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ
29. ”اي مالڪ! ھاڻي تون پنھنجي ٻانھي کيپنھنجي واعدي موجب سلامتيءَ سان موڪل.
30. ڇالاءِجو منھنجين اکينتنھنجو ڇوٽڪارو ڏٺو آھي،
31. جيڪو تو سڀني قومن اڳيان تيار ڪيو آھي،
32. يعني غير قومن لاءِتنھنجي رستي تي ھلڻ ڪاڻ روشنائي۽ تنھنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“
33. ٻار جا ماءُپيءُ حيران ھئا تہ انھيءَ بابت ڇا ڇا نہ پيو چئجي!
34. شمعون انھن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ھي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪرڻ ۽ چڙھڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آھي. ھو خدا جي طرف کان ھڪ نشان ھوندو، جنھن جي ڪيترائي مخالفت ڪندا،
35. جنھنڪري سندن دلين جا ڳُجھہ ظاھر ٿيندا. تو کي ايترو ڏک پھچندو، جيڪو تلوار وانگر تنھنجي دل گھائي ڇڏيندو.“
36. آشر قبيلي جي ھڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حنا ھڪ نبياڻي ھئي. ھوءَ ھڪ پوڙھي عورت ھئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رھي