لوقا 2:16-29 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. تنھنڪري ھو تڪڙا تڪڙا ويا تہ مريم ۽ يوسف ملين ۽ ٻارڙو آھر ۾ پيل ڏٺائون.

17. ھي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اھو ٻڌائڻ لڳا جيڪو ملائڪ کان ٻڌو ھئائون.

18. جيڪي ڳالھيون ريڍارن ڪيون سي جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا.

19. مريم ھي سڀ ڳالھيون ياد ڪيون ۽ دل ۾ سانڍي انھن تي ويچار ڪرڻ لڳي.

20. ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنھن تي خدا جي ساراھہ ۽ واکاڻ ڪندي موٽيا، ڇالاءِ⁠جو اھو ائين ئي ھو جيئن انھن کي ٻڌايو ويو ھو.

21. اٺن ڏينھن کان پوءِ جڏھن ھن جي سنت ڪرڻ جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو ھن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو ھو.

22. جڏھن موسيٰ جي شريعت موجب پاڪ ٿيڻ جا مقرر ڏينھن پورا ٿيا تڏھن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي خداوند جي آڏو حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ کڻي آيا.

23. خداوند جي شريعت ۾ لکيل آھي تہ ”ھر ڪو پھريتو پٽ خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“

24. سو اھي خداوند جي شريعت جي فرضن موجب قرباني پيش ڪرڻ آيا، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر ھجن.“

25. تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو،

26. جنھن کيس ٻڌايو ھو تہ ”جيستائين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيستائين ڪين مرندين.“

27. پاڪ روح جي ھدايت تي شمعون ھيڪل ۾ آيو. جڏھن ماءُ⁠پيءُ ٻارڙي عيسيٰ کي شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ ھيڪل ۾ کڻي آيا

28. تڏھن شمعون ٻارڙي کي پنھنجن ھٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ

29. ”اي مالڪ! ھاڻي تون پنھنجي ٻانھي کيپنھنجي واعدي موجب سلامتيءَ سان موڪل.

لوقا 2