4. تنھنڪري ھو اڳڀرو ڊوڙي وڃي ھڪڙي انجير جي وڻ تي چڙھي ويٺو، ڇالاءِجو عيسيٰ انھيءَ رستي تان لنگھڻو ھو.
5. جڏھن عيسيٰ انھيءَ جاءِ تي آيو، تڏھن مٿي نھاري چيائين تہ ”اي زڪئي! ھڪدم ھيٺ لھي اچ، ڇالاءِجو اڄ مون کي تنھنجي گھر ٽڪڻو آھي.“
6. ھو جلدي ھيٺ لھي آيو ۽ عيسيٰ کي خوشيءَ سان پنھنجي گھر وٺي ويو.
7. اھو ڏسي سڀيئي سسپس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، ھو ھڪڙي گنھگار جي گھر ٽڪيو آھي.“