27. عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪي ڳالھيون ماڻھن کان ٿي نہ ٿيون سگھن، سي خدا کان ٿي سگھن ٿيون.“
28. پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسان توھان جي پٺيان ھلڻ لاءِ گھر گھاٽ ڇڏيا آھن.“
29. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھائو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھڙو ڪوبہ ڪونھي جنھن خدا جي بادشاھت لاءِ گھر، زال، ڀائر، ماءُپيءُ يا ٻار ڇڏيا ھجن،