لوقا 12:26-39 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. جيڪڏھن اوھان کان اھڙي خسيس ڳالھہ بہ ٿي نہ ٿي سگھي، تہ پوءِ اوھين ٻين شين لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟

27. غور ڪريو تہ ڪيئن نہ سوسن گل جا ٻوٽا ٿا اڀرن، اھي نڪي پورھيو ڪن ۽ نہ ڪتين. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي عزت ۽ شان وَ شوڪت جي، انھن جھڙو ھڪ بہ ويس پھريل نہ ھو.

28. جيڪڏھن جھنگلي گاھہ، جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي خدا ائين پھرائي ٿو تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.

29. اوھين ھن لاءِ خيال نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ ’ڇا پيئنداسين‘ ۽ ھن بابت اوھان کي ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ نہ گھرجي.

30. دنيا جون قومون انھن سڀني شين جون ڳولائو آھن. پر اوھان لاءِ اوھان جو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڪھڙين شين جي ضرورت آھي.

31. سو اوھين پھريائين خدا جي بادشاھت جي ڳولا ۾ رھو تہ اوھان کي اھي سڀ شيون بہ ملنديون.“

32. ”اي ننڍڙا ٽولا! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي پيءُ جي مرضي آھي تہ اوھان کي بادشاھت عطا ڪري.

33. جيڪي اٿوَ، سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنھنجي لاءِ اھڙيون ڳوٿريون ٺاھيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني بھشت ۾ پنھنجي لاءِ اھڙو خزانو گڏ ڪريو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجھو اچيس ۽ نہ ڪينئون ٽڪي خراب ڪريس.

34. ڇالاءِ⁠جو جتي اوھان جو خزانو ھوندو، تہ دل بہ اوھان جي اتي ئي ھوندي.“

35. ”پنھنجا سندرا ٻڌل ۽ پنھنجا ڏيئا ٻريل رکو.

36. اوھين پاڻ کي انھن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنھنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نھارين تہ جڏھن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ ھڪدم ھن لاءِ در کولين.

37. سڀاڳا آھن اھي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ ھو کين کارائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيھندو ۽ پنھنجي سر پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.

38. سو جيتوڻيڪ مالڪ اڌ رات يا پوئين پھر اچي تہ بہ انھن کي سجاڳ ڏسي، تہ اھي نوڪر ڪھڙا نہ سڀاڳا آھن.

39. پر اھو ياد رکو تہ جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور ڪيڏيءَ مھل سندس گھر کي کاٽ ھڻندو تہ ھو جيڪر جاڳندو رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ھا.

لوقا 12