11. جڏھن اھي اوھان کي عبادتخانن ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏھن متان ڳڻتي ڪئي اٿوَ تہ ’ڪيئن ۽ ڪھڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون.‘
12. ڇالاءِجو ان وقت پاڪ روح اوھان کي اھو ڪي سيکاريندو جيڪو اوھان کي چوڻ کپي.“
13. ميڙ مان ھڪڙي ماڻھوءَ چيس تہ ”اي استاد! منھنجي ڀاءُ کي چئو تہ اباڻي ميراث مان منھنجو حصو مون کي ورھائي ڏئي.“
14. پر عيسيٰ کيس چيو تہ ”مھربان! مون کي اوھان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنھن امير مقرر ڪيو آھي؟“
15. پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِجو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“
16. تڏھن عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ٻڌائيندي چيو تہ ”ڪنھن زميندار جي ٻنيءَ سٺو فصل ڏنو.
17. سو ھو دل ۾ پھہ پچائڻ لڳو تہ ’ھاڻي ڇا ڪريان؟ اھا جاءِ ڪانھي جتي کڻي پنھنجو فصل گڏ ڪري رکان.‘
18. آخر دل ۾ چيائين تہ ’آءٌ ھيئن ڪندس جو ھي ڀانڊا ڊھرائي وڏا ڪري ٺھرائيندس ۽ انھن ۾ سمورو اَنُ ۽ مال گڏ ڪري رکندس،
19. ۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو گھڻو مال آھي جو ڪيترائي سال پيو ھلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيان ۽ موجون ماڻيان.‘
20. پر خدا چيس تہ ’اي بيوقوف! اڄوڪي رات ئي تنھنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿئي سو ڪنھن جو ٿيندو؟‘“
21. عيسيٰ ان جو نتيجو ھيئن ڪڍيو تہ ”اھو ماڻھو اھڙو آھي جيڪو ڌن دولت پنھنجي لاءِ تہ ميڙي ٿو، پر خدا جي آڏو شاھوڪار نہ آھي.“