لوقا 11:42-54 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

42. ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي فريسيو! جو اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ ھر ڪنھن ڀاڄين جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا.

43. اي فريسيو! مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين عبادت⁠خاني ۾ اعليٰ درجي جون جايون والاريو ٿا ۽ بازار ۾ ماڻھن جا سلام پسند ڪريو ٿا.

44. مصيبت آھي اوھان لاءِ، ڇالاءِ⁠جو اوھين انھن بي⁠نشان قبرن جي مثل آھيو، جن تان ماڻھو بي⁠خبريءَ ۾ ھلن ٿا.“

45. ورنديءَ ۾ شريعت جي ھڪڙي عالم چيس تہ ”اي استاد! ھي جيڪي اوھين چئو ٿا تنھن ۾ اسان کي بہ طعنا تنڪا ٿا ھڻو.“

46. تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آھي اوھان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمو! جو اوھين ماڻھن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لايو.

47. مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو، جن کي اوھان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو ھو.

48. اھا ھن ڳالھہ جي شاھدي آھي تہ جيڪي اوھان جي ابن ڏاڏن ڪيو سو اوھان کي قبول آھي، ڇوتہ انھن تہ نبين کي مارايو ھو ۽ اوھين سندن قبا پيا اڏايو.

49. انھيءَ لاءِ خدا جي حڪمت بيان فرمايو آھي تہ ’آءٌ نبين ۽ رسولن کي انھن وٽ موڪليندس، جن مان اھي ڪن کي ماري وجھندا ۽ ڪن کي ستائيندا.‘

50. سو دنيا جي شروعات کان وٺي جن نبين جو رت وھايو ويو آھي، تن جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو.

51. مطلب تہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھابيل جي خون کان وٺي ذڪريا جي خون تائين، جيڪو قربان⁠گاھہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو ھو، تن سڀني جي خون جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو.

52. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو! جو اوھان علم جي گھر واري دروازي جي ڪنجي تہ کسي ورتي آھي، پر نہ پاڻ ان ۾ داخل ٿيا آھيو ۽ نہ وري انھن کي اندر داخل ٿيڻ ٿا ڏيو جيڪي اچڻ چاھين ٿا.“

53. جڏھن عيسيٰ اتان ھلڻ لڳو تہ شريعت جا عالم ۽ فريسي سندس مخالفت ۾ ڳالھائڻ لڳا ۽ کيس سوالن سان وڪوڙي ويا،

54. انھيءَ لاءِ جو ھنن وجھہ پئي ڳوليو تہ ھو سندس چيل ڪا ڳالھہ پڪڙي وٺن.

لوقا 11