لوقا 11:4-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. اسان جا ڏوھہ اسان کي معاف ڪر،ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسان جا ڏوھي آھنتن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون.ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ.‘“

5. پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”فرض ڪريو تہ اوھان منجھان ڪنھن کي ڪو دوست ھجي ۽ اڌ رات جو وٽس وڃي کيس چوي تہ ’اي دوست! مون کي ٽي مانيون اڌاريون ڏي،

6. ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجو ھڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آھي ۽ مون وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جو کڻي ھن جي اڳيان رکان.‘

7. تڏھن اوھان جو دوست اوھان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. ھن مھل در بند آھي ۽ آءٌ پنھنجن ٻارن سان گڏ ستل آھيان، تنھنڪري آءٌ اٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘

8. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو اوھان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اٿي، پر پنھنجي خواريءَ کان بچڻ جي لاءِ اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوھان کي گھرج ۾ ھونديون اوتريون ڏيندو.

9. انھيءَ ڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کليوَ.

10. ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي تنھن کي لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي.

11. ڇا اوھان منجھہ ڪو اھڙو پيءُ آھي جنھن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟

12. يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ ھو وِڇون ڏئيس؟

13. جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙا ھئڻ جي، پنھنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيترو نہ وڌيڪ انھن کي پاڪ روح ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا.“

14. ھڪڙي دفعي عيسيٰ اھڙي ماڻھوءَ مان ڀوت ڪڍي رھيو ھو جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس ڀوت گونگو ھو. جڏھن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ھن ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھو حيران ٿي ويا.

15. پر انھن مان ڪن چيو تہ ”عيسيٰ ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.“

16. ٻين وري ھن کي آزمائڻ لاءِ چيو تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪو خدائي معجزو ڏيکار.“

17. پر عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو ٿو پوي سا برباد ٿيندي ۽ جنھن گھر ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سو گھر تباھہ ٿيندو.

لوقا 11