38. فريسي ھي ڏسي حيران ٿيو تہ کائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ انھن جي رسم موجب ھٿ ڇو ڪين ڌوتا.
39. تڏھن خداوند چيس تہ ”اوھين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوھان جو اندر ھٻڇ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آھي.
40. اي بيوقوفو! جنھن خالق اوھان جو ٻاھر ٺاھيو آھي، ڇا تنھن ئي اوھان جو اندر نہ ٺاھيو آھي؟
41. جيڪو اوھان جي وٽين ۽ ٿالھين ۾ آھي سو غريبن کي ڏيو تہ اوھان لاءِ سڀ ڪجھہ اجرو ٿئي.
42. ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي فريسيو! جو اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ ھر ڪنھن ڀاڄين جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا.
43. اي فريسيو! مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين عبادتخاني ۾ اعليٰ درجي جون جايون والاريو ٿا ۽ بازار ۾ ماڻھن جا سلام پسند ڪريو ٿا.
44. مصيبت آھي اوھان لاءِ، ڇالاءِجو اوھين انھن بينشان قبرن جي مثل آھيو، جن تان ماڻھو بيخبريءَ ۾ ھلن ٿا.“
45. ورنديءَ ۾ شريعت جي ھڪڙي عالم چيس تہ ”اي استاد! ھي جيڪي اوھين چئو ٿا تنھن ۾ اسان کي بہ طعنا تنڪا ٿا ھڻو.“
46. تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آھي اوھان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمو! جو اوھين ماڻھن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لايو.
47. مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو، جن کي اوھان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو ھو.
48. اھا ھن ڳالھہ جي شاھدي آھي تہ جيڪي اوھان جي ابن ڏاڏن ڪيو سو اوھان کي قبول آھي، ڇوتہ انھن تہ نبين کي مارايو ھو ۽ اوھين سندن قبا پيا اڏايو.