31. آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِجو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.
32. نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِجو انھن يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي.“
33. ”ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.
34. اوھان جون اکيون اوھان جي بدن لاءِ ڏيئو آھن، سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو. پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اونداھيءَ ۾ غرق ھوندو.
35. تنھنڪري خيال رکو تہ اوھان ۾ جا روشني آھي سا اونداھي تہ ڪينھي.
36. جيڪڏھن توھان جو سڄو بدن روشن ھجي ۽ ان جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ اونداھي نہ ھجي تہ اوھان جو سڄو بدن ائين روشن ٿيندو جيئن ڏيئي جي روشني اوھان جي بدن تي پئي اوھان کي روشن ٿي ڪري.“
37. عيسيٰ جڏھن ڳالھائي بس ڪئي تہ ھڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو ھو اندر وڃي دسترخوان تي ماني کائڻ ويٺو.
38. فريسي ھي ڏسي حيران ٿيو تہ کائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ انھن جي رسم موجب ھٿ ڇو ڪين ڌوتا.
39. تڏھن خداوند چيس تہ ”اوھين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوھان جو اندر ھٻڇ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آھي.
40. اي بيوقوفو! جنھن خالق اوھان جو ٻاھر ٺاھيو آھي، ڇا تنھن ئي اوھان جو اندر نہ ٺاھيو آھي؟
41. جيڪو اوھان جي وٽين ۽ ٿالھين ۾ آھي سو غريبن کي ڏيو تہ اوھان لاءِ سڀ ڪجھہ اجرو ٿئي.
42. ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي فريسيو! جو اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ ھر ڪنھن ڀاڄين جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا.
43. اي فريسيو! مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين عبادتخاني ۾ اعليٰ درجي جون جايون والاريو ٿا ۽ بازار ۾ ماڻھن جا سلام پسند ڪريو ٿا.
44. مصيبت آھي اوھان لاءِ، ڇالاءِجو اوھين انھن بينشان قبرن جي مثل آھيو، جن تان ماڻھو بيخبريءَ ۾ ھلن ٿا.“
45. ورنديءَ ۾ شريعت جي ھڪڙي عالم چيس تہ ”اي استاد! ھي جيڪي اوھين چئو ٿا تنھن ۾ اسان کي بہ طعنا تنڪا ٿا ھڻو.“
46. تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آھي اوھان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمو! جو اوھين ماڻھن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لايو.