لوقا 11:2-4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏھن اوھين دعا گھرو تہ ھيئن چئجو:’اي بابا! شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،۽ تنھنجي بادشاھت اچي.

3. اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اسان کي روزانو ڏي.

4. اسان جا ڏوھہ اسان کي معاف ڪر،ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسان جا ڏوھي آھنتن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون.ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ.‘“

لوقا 11