لوقا 10:7-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. پوءِ انھيءَ ئي گھر ۾ ٽڪي پئجو، گھر گھر نہ ڦرجو. ھو جيڪي ڪجھہ اوھان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇوتہ مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.

8. جنھن جنھن شھر ۾ وڃو ۽ جي اتان جا ماڻھو اوھان کي قبول ڪن تہ جيڪي ڪجھہ اھي اوھان کي آڻي ڏين سو کائجو.

9. جيڪي ان شھر ۾ بيمار ھجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻھن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘

لوقا 10