12. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم شھر کان وڌيڪ ڀوڳيندو.
13. افسوس آھي تو تي، اي شھر خرازين! ۽ حيف آھي تو تي اي شھر بيتصيدا! ڇالاءِجو اوھان ۾ جيڪي معجزا ڪيا ويا آھن، سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ جيڪر اتان جا ماڻھو گھڻو اڳ ۾ کٿو ڍڪي مٿي ۾ خاڪ وجھي ويھي توبھہ ڪن ھا.
14. پر آخرت جي ڏينھن صور ۽ صيدا کان وڌيڪ اوھين ڀوڳيندا.