20. پر تو منھنجي پيغام تي اعتبار نہ ڪيو آھي جيڪو مقرر وقت تي سچو ٿيندو. جيئن تہ تو اعتبار نہ ڪيو آھي تنھنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اھي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون تيستائين ڳالھائي نہ سگھندين.“
21. ماڻھو ڏاڍي انتظار ۾ ھئا ۽ حيران ھئا تہ ذڪريا مقدس جاءِ ۾ ايتري دير ڇو لاتي آھي.
22. جڏھن ھو ٻاھر نڪتو تہ انھن سان ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، جنھن مان ماڻھن کي خبر پئجي ويئي تہ ھن مقدس جاءِ ۾ رويا ڏٺي آھي. ھو ھڪ لفظ بہ نہ ٿي ڳالھائي سگھيو، سو انھن کي ھٿن جا اشارا ڏئي پيو.
23. جڏھن ھيڪل ۾ سندس خدمت جو وقت پورو ٿيو تہ ذڪريا گھر ڏانھن موٽيو.
24. ڪن ڏينھن کان پوءِ سندس زال اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ پنج مھينا گھر کان ٻاھر نہ نڪتي. اليشبع چيو تہ
25. ”ھيءُ خدا منھنجي لاءِ ڪيو آھي. ھاڻي ھن مون تي مھر جي نظر ڪئي آھي ۽ ماڻھن جي مھڻن کان منھنجي جند ڇڏائي اٿس.“
26. اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇھين مھيني خدا جبرائيل ملائڪ کي گليل جي شھر ناصرت ۾ موڪليو.
27. ھو ھڪ ڪنواري ڇوڪريءَ وٽ آيو، جا دائود جي گھراڻي جي ھڪ شخص يوسف سان منڱيل ھئي. انھيءَ ڪنواريءَ جو نالو مريم ھو.
28. جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آھي ۽ ھن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آھي.“
29. مريم ملائڪ جي پيغام تي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ عجب ۾ پئجي ويئي تہ ھن جي لفظن جو مطلب ڇا آھي.
30. تڏھن ملائڪ چيس تہ ”مريم، ڊڄ نہ، ڇالاءِجو خدا تو تي مھربان آھي.
31. تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ، جنھن جو نالو عيسيٰ رکج.
32. ھو بزرگ ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا ھن کي سندس ڏاڏي دائود جي بادشاھي ڏيندو.
33. ھو يعقوب جي گھراڻي تي ھميشہ حڪومت ڪندو ۽ سندس بادشاھت ڪڏھن بہ ختم نہ ٿيندي.“
34. تنھن تي مريم ملائڪ کي چيو تہ ”آءٌ ڪنواري آھيان تہ پوءِ ھي ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟“