فلپين 2:2-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. تہ پوءِ منھنجي ھيءَ خوشي پوري ڪريو تہ ھڪ دل ٿي ۽ ھڪ جھڙي محبت رکي، ھڪ روح ٿيو ۽ ھم⁠خيال رھو.

3. ذاتي لالچ ۽ اجائي ھٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، بلڪ نماڻائيءَ سان ھڪ ٻئي کي پاڻ کان بھتر سمجھو.

4. اوھان مان ھر ھڪ رڳو پنھنجين ڳالھين تي نہ، پر ٻين جي ڳالھين تي بہ ڌيان ڏئي.

5. اوھين اھڙو ئي سڀاءُ رکو جھڙو عيسيٰ مسيح جو ھو.

6. جيتوڻيڪ ھو بذاتِ⁠خود خدا ھو،تہ بہ ھن خدا سان برابر ھئڻ جي درجي کيزوريءَ پنھنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.

7. اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين،۽ غلام جي صورت اختيار ڪريانسانن جھڙو ٿي ويو.

8. انساني شڪل ۾ ظاھر ٿي ڪريھن پاڻ کي ھيٺاھون ڪيو،۽ ايستائين فرمانبردار رھيوجو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.

9. تنھنڪري خدا ھن کي تمام گھڻو سربلند ڪيو،۽ کيس اھو نالو عطا ڪيائين،جيڪو سڀني نالن کان اعليٰ آھي.

10. انھيءَ لاءِ تہ انسان، جيڪي ڄاوا آھن يا جيڪي ڄمندا،سي سڀيئي عيسيٰ جي نالي تي گوڏا کوڙين،

11. ۽ ھر ھڪ زبان اقرار ڪري تہعيسيٰ مسيح خداوند آھي،تان تہ خدا پيءُ جي واکاڻ ٿئي.

فلپين 2