فلپين 2:18-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. اوھين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏ خوشي ڪريو.

19. مون کي خداوند عيسيٰ ۾ اميد آھي تہ تيمٿيس کي جلد ئي اوھان ڏانھن موڪليندس، تہ جيئن اوھان جو احوال معلوم ڪري مون کي بہ دلجاءِ ٿئي.

20. مون وٽ ھن جھڙو ٻيو ڪوبہ ھم⁠خيال ماڻھو ڪونھي، جنھن کي سچ⁠پچ اوھان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي ھجي.

21. ڇالاءِ⁠جو ھر ڪو پنھنجي مطلب جي ڳالھين کي ٿو ڏسي، نہ عيسيٰ مسيح جي ڳالھين کي.

22. پر اوھان کي تيمٿيس جي لائق ھجڻ جي خبر آھي، ڇوتہ جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري تيئن ھن مون سان گڏجي خوشخبري ڦھلائڻ جي خدمت ڪئي آھي.

23. تنھنڪري اميد اٿم تہ جڏھن آءٌ ڏسندس تہ منھنجو ڪھڙو فيصلو ٿو ٿئي، تڏھن کيس ھڪدم اوھان ڏانھن روانو ڪندس.

24. بلڪ مون کي خداوند تي ڀروسو آھي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.

25. پر آءٌ اھو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوھان ڏانھن موڪليان، جيڪو منھنجو مسيحي ڀاءُ، ھم⁠خدمت ۽ ھم⁠سپاھہ آھي. ھي اوھان جو قاصد بہ آھي، جنھن کي اوھان منھنجين ضرورتن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ مون ڏانھن موڪليو ھو.

26. ھن کي اوھان سڀني جي ڏاڍي سڪ آھي ۽ بي⁠قرار ٿو رھي، ڇالاءِ⁠جو اوھان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو ھو.

فلپين 2