1. انھن ڳالھين جو خاص مطلب ھي آھي تہ اسان جو ھڪڙو اھڙو سردار ڪاھن آھي، جيڪو آسمان تي قادرِمطلق جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺوآھي.
2. ھو انھيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو سچو مقدس خيمو آھي ۽ جنھن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آھي.
3. جيئن تہ ھر ڪو سردار ڪاھن نذرانن ۽ قربانين چاڙھڻ لاءِ مقرر ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري اھو ضروري ھو تہ ھن سردار ڪاھن وٽ بہ چاڙھڻ لاءِ ڪي ڪجھہ ھجي.