13. خدا جڏھن ابراھيم سان واعدو ڪيو تڏھن ھن پنھنجو ئي قسم کنيو، ڇالاءِجو کانئس وڏو ڪوبہ نہ ھو.
14. خدا فرمايو تہ”يقيناً آءٌ تو کي برڪتون ڏيندو رھندس۽ تنھنجو اولاد گھڻو وڌائيندس.“
15. اھڙيءَ طرح ابراھيم صبر ڪري اھا واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.
16. ماڻھو پاڻ کان ڪنھن وڏي جو ئي قسم کڻندا آھن ۽ سندن ھر ڳالھہ ۽ ھر تڪرار جي آخرين ثابتي قسم ئي ھوندو آھي.
17. تنھنڪري خدا انھن کي جيڪي ڪيل واعدي جي برڪت حاصل ڪندا، اھو وڌيڪ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گھريو تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي، انھيءَ ڪري قسم بہ کنيائين.