6. پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھر جو مختيار ھوندي وفادار رھيو. ھاڻي خدا جو گھراڻو اسين آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجيءَ ھمت ۽ انھيءَ اميد تي قائم رھون، جنھن تي اسان کي فخر آھي.
7. جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،
8. تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو،جيئن چڙ ڏيارڻ واري مھل، يعني آزمائش جي ڏينھناوھان رڻپٽ ۾ ڪيو.
9. اتي اوھان جي ابن ڏاڏن منھنجي آزمائش ورتي،مون کي پرکيو۽ چاليھن سالن تائين منھنجا ڪم ڏٺائون.
10. تنھنڪري انھيءَ پيڙھيءَ کان آءٌ ناراض ٿيس،۽ چيم تہ ’انھن ماڻھن جون دليونھميشہ گمراھہ ٿينديون رھن ٿيون.انھن منھنجي واٽن کي ڪين سڃاتو.‘
11. تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“
12. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رھجو، متان اوھان مان ڪنھن جي دل بڇڙي ۽ منڪر ٿي زندہ خدا کان ڦري نہ وڃي.
13. پر اوھين جيسين اڄوڪو ڏينھن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين ھر روز ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھجو، انھيءَ لاءِ تہ متان اوھان مان ڪو گناھہ جي فريب ۾ اچي سختدل نہ ٿي پوي.