1. ھڪ ٻئي کي ھڪ ڪٽنب جا سمجھي محبت ڪندا رھو.
2. مسافرن جي مھماننوازي ڪندا رھو، ڇالاءِجو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بيخبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.
3. قيدين کي ياد رکو جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ قيد ۾ آھيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ياد ڪريو، جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ ڏک سھو ٿا.