عبرانين 12:6-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. جنھن سان خداوند محبت ٿو رکي،تنھن کي ھو سيکت بہ ڏئي ٿو،۽ جنھن کي ٻار ٿو بڻائي،تنھن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“

7. انھيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رھو، خدا اوھان سان ٻچن جھڙي ھلت ٿو ڪري. ڇالاءِ⁠جو اھو ڪھڙو ٻار آھي، جنھن کي سندس پيءُ سيکت نہ ٿو ڏئي؟

8. پر جيڪڏھن اوھان کي اھا سيکت نہ ڏبي، جيڪا ھر ڪو ٻار ٿو سھي، تڏھن اوھين حرامزادا ٿيا، نڪي سچا ٻار.

عبرانين 12