5. اوھين انھيءَ ھمتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آھيو، جيڪا اوھان کي ٻارن وانگر ڪئي ويئي آھي تہ”اي منھنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کيخسيس نہ سمجھہ،۽ جڏھن ھو تو کي تنبيھہ ڪري،تڏھن ھمت نہ ھار.
6. جنھن سان خداوند محبت ٿو رکي،تنھن کي ھو سيکت بہ ڏئي ٿو،۽ جنھن کي ٻار ٿو بڻائي،تنھن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“
7. انھيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رھو، خدا اوھان سان ٻچن جھڙي ھلت ٿو ڪري. ڇالاءِجو اھو ڪھڙو ٻار آھي، جنھن کي سندس پيءُ سيکت نہ ٿو ڏئي؟