9. پوءِ وري چيائين تہ ”ڏس، آءٌ آيو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ تنھنجي مرضي پوري ڪريان.“ اھڙي نموني خدا اڳين قربانين کي رد ڪري مسيح جي قربانيءَ کي قائم ڪري ٿو.
10. خدا جي انھيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي ھڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ڪيا ويا آھيون.
11. ھر ھڪ ڪاھن روزانو بيھي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ ھر ھر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙھي، جيڪي ڪڏھن بہ گناھن کي مٽائي نہ ٿيون سگھن.
12. پر مسيح گناھن جي لاءِ ھڪڙي ئي قرباني ھميشہ جي واسطي چاڙھي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
13. انھيءَ وقت کان وٺي ھو انتظار ۾ آھي تہ سندس دشمنن کي سندس پيرن جي صندلي بڻايو وڃي.