عبرانين 10:30-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

30. ڇالاءِ⁠جو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي،آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“

31. زندہ خدا جي ھٿن ۾ اچڻ ھڪ وڏي خوفناڪ ڳالھہ آھي.

32. پر انھن اڳوڻن ڏينھن کي ياد ڪريو، جڏھن روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوھان ڏاڍا ڏک سٺا، پوءِ بہ ثابت⁠قدم رھيا.

33. ڪڏھن تہ اوھان طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري تماشو بڻيا ۽ ڪڏھن وري اوھان انھن جو ساٿ ڏنو جن سان اھڙي ھلت ٿي.

34. جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي.

35. تنھنڪري اوھين پنھنجي ھمت نہ ھاريو، ڇالاءِ⁠جو انھيءَ جو وڏو اجر آھي.

عبرانين 10