رومين 9:13-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. جيئن لکيل آھي تہ ”مون يعقوب سان محبت رکي پر عيسوءَ سان نہ.“

14. پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ خدا بي⁠انصاف آھي؟ نہ، بلڪل نہ،

15. ڇالاءِ⁠جو خدا موسيٰ کي چيو تہ ”جنھن تي آءٌ رحم ڪرڻ گھران تنھن تي رحم ڪندس ۽ جنھن تي ٻاجھہ ڪرڻ گھران تنھن تي ٻاجھہ ڪندس.“

16. تنھنڪري اُھو نہ انسان جي خواھش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اھو سڀ خدا جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي.

17. ڇالاءِ⁠جو پاڪ لکت ۾ خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاھہ انھيءَ لاءِ بڻايو آھي تہ آءٌ تنھنجي ڪري قدرت ظاھر ڪريان ۽ دنيا ۾ منھنجو نالو روشن ٿئي.“

18. سو خدا جنھن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنھن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنھن کي سخت⁠دل ڪرڻ گھري ٿو تنھن کي سخت⁠دل ڪري ٿو.

رومين 9