15. اوھان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو آھي جو اوھان کي وري ڊپ ٿئي، پر اوھان کي اھو روح مليو جنھن جي وسيلي اوھين خدا جا ٻار ٿيا آھيو ۽ جنھن سان اسين خدا کي ”بابا“ ڪري ٿا سڏ ڪريون.
16. اھو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاھدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آھيون.
17. جيڪڏھن اسين ھن جا ٻار آھيون تہ وارث بہ آھيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آھيون، بشرطيڪ ھن سان ڏکن ۾ شريڪ ٿيون تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ٿينداسون.
18. آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسان ھن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انھيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جيڪو اسان تي نازل ٿيڻ وارو آھي.
19. سڄي مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي ٻارن جي ظاھر ٿيڻ جي انتظار ۾ آھي.
20. ڇالاءِجو مخلوقات مايوسيءَ جي تابع ڪئي ويئي، پنھنجي مرضيءَ سان نہ، پر خدا جي مرضيءَ سان. تنھن ھوندي بہ کيس اھا اميد ڏني ويئي
21. تہ مخلوقات فنا جي غلاميءَ کان ڇٽي پوندي ۽ خدا جي ٻارن جي شاندار آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي.
22. اسان کي خبر آھي تہ سڄي مخلوقات ھن وقت تائين پيئي ڪنجھي ۽ سور کائي.
23. نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ جن کي پاڪ روح خدا جي پھرين بخشش ٿي مليو آھي، سي بہ پنھنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون ۽ خدا جا ٻار ٿيڻ يعني پنھنجي بدن جي ڇوٽڪاري جي انتظار ۾ ويٺا آھيون.
24. سو اسان کي اميد جي وسيلي ئي تہ ڇوٽڪارو مليو. پر جنھن شيءِ جي اميد ھجي سا جيڪڏھن ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اھڙو ماڻھو آھي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انھيءَ لاءِ اميد رکي؟
25. پر جيڪڏھن اسين اھڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسي نہ ٿا سگھون، تہ پوءِ ان جو صبر سان انتظار ٿا ڪريون.
26. ساڳيءَ طرح پاڪ روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري، ڇوتہ اسان کي خبر نہ آھي تہ ڇا جي لاءِ ۽ ڪھڙيءَ طرح دعا گھرون. پر پاڪ روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري.
27. خدا دلين جو مالڪ آھي، سو ھو ڄاڻي ٿو تہ پاڪ روح جو ارادو ڪھڙو آھي، ڇالاءِجو پاڪ روح خدا جي مرضيءَ موجب سندس قوم جي شفاعت ٿو ڪري.
28. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني شين ۾ انھن ماڻھن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آھن.
29. ڇالاءِجو خدا انھن کي اڳي ئي ڄاتو ٿي ۽ کين پنھنجي فرزند جھڙو ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ھئائين تہ سندس فرزند گھڻن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ پھريتو ٿئي.
30. سو خدا جن کي مخصوص ڪيو ھو تن کي ئي چونڊيائين ۽ جن کي چونڊيائين تن کي پاڻ ڏانھن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنھنجو جلوو بہ بخشيائين.
31. انھن سڀني ڳالھين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏھن خدا اسان سان آھي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟
32. ھن تہ پنھنجو فرزند بہ اسان کان نہ وانجھيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. جڏھن ھن پنھنجو فرزند اسان کي ڏنو تہ پوءِ ٻي ڪھڙي شيءِ آھي جا ھو اسان کي نہ بخشيندو؟