رومين 7:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين شريعت کان واقف آھيو. تنھنڪري ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آھي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم ھلي ٿو.

2. مثلاً، شريعت موجب زال پنھنجي مڙس سان سندس حياتيءَ تائين ٻڌل رھي ٿي. پر جيڪڏھن اھو مڙس مري وڃي تہ ھوءَ سندس نڪاح کان ڇٽل آھي.

3. جيڪڏھن اھا عورت مڙس جي جيئري ئي ڪنھن ٻئي مرد سان لاڳاپا رکي ٿي تہ اھا عورت زناڪار سڏبي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي تہ ھوءَ شريعت موجب آزاد آھي ۽ پوءِ جيڪڏھن ڪنھن بہ مرد سان شادي ڪري ٿي تہ اھا عورت زناڪار نہ سڏبي.

رومين 7