21. ھاڻي اھو ظاھر ٿي چڪو آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. شريعت جو ان سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي شريعت ۽ نبي ڏين ٿا.
22. خدا ماڻھن کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ئي وسيلي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. خدا سڀني سان ائين ڪري ٿو جيڪي مسيح تي ايمان آڻين ٿا، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير يھودي.
23. سڀني ماڻھن گناھہ ڪيو آھي ۽ خدا جي جلوي کان محروم آھن.
24. رڳو خدا جي فضل جي بخشش جي ڪري اھي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجن ٿا، جيڪو کين گناھن کان ڇڏائي ٿو.